حڪيم محمد صديق مولوي سيتائي

حڪيم محمد صديق، مولوي، سيتائي: مولوي حڪيم محمد صديق سيتا وليج، ضلعي دادو ۾ ڄائو. هيءُ بزرگ معقول ۽ منقول جي علمن جو وڏو ماهر هو. ڪلام، گفتگو ۽ مناظرن ڪرڻ ۾ کيس مهارت حاصل هئي. هيءُ اعليٰ پايي جو حڪيم هو، صبح کان شام تائين مريضن جو انبوهه وٽس موجود رهندو هو. مختلف ديني علمن جي تحصيل مخدوم حاجي حسن الله پاٽائيءَ وٽان حاصل ڪرڻ بعد سيتا ۾ مدرسو قائم ڪيائين. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مولوي عبدالعزيز ملڪاڻي، مولوي عبدالرزاق بوبڪائي، مولوي عبدالله سيتائي، مولوي رحمت الله سيتائي، مولوي عبدالقيوم بختيارپوري ۽ مولوي عبدالرؤف بختيار پوري انهيءَ مدرسي مان پڙهيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو